ڀيڻي سورجان-1

ڀيڻي سورجان-1

ڀيڻي سورجان 1

ڀيڻي سورجان-1 (Bhaini Surjan-I): پوئين تهذيب '>سنڌو تهذيب (Late Harappan) واري دور جو هي ماڳ ضلعي روهتڪ (هندستان)، تعلقي ميهام جي ڳوٺ ڀيڻي سورجان ۾ آهي. ڳوٺ ڀيڻي سورجان ميهام کان 5 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هن ڳوٺ جي آس پاس ڪل ٽي دڙا آهن. ڀيڻي سورجان جو دڙو ''30'1776 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ''15'0829 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ڀيڻي سورجان نالي ڳوٺ جي اولهه ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڀيڻي سورجان-ڀيڻي ماتو روڊ تي واريءَ جي دڙن تي آهي. واريءَ جو دڙو 17 ميٽر اوچو آهي. هي دڙو غير آباد زمين تي 5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هتان ملندڙ ٺڪراٺو گهڻو ڪري وچين تاريخي دور جو آهي پر پوئين سنڌو دور جا ٺڪر به ملن ٿا. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته دڙو پوئين سنڌو تهذيب واري دور کان وچين تاريخي دور تائين آباد هو. هن ماڳ کي پهريان سريندر نالي آرڪيالاجسٽ ڳولي لڌو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو